آئيڊا ريو ويلفيئر ائسوسيئيشن، ڪراچي

آئيڊا ريو ويلفيئر ائسوسيئيشن، ڪراچي

آئيڊا ريو ويلفيئر ائسوسيئيشن ڪراچي

آئيڊا ريو ويلفيئر ائسوسيئيشن، ڪراچي: ’آئيڊا آگسٽا ريو‘ (Ida Augusta Rieu) سنڌ جي ڪمشنر جي ايل ريو (1919ع) جي گهر واري هئي. سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن سان دلچسپي سبب ڪراچي سميت ٻين هنڌن تي رهڻ دؤران هن پنھنجي زندگي سماجي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سندس قائم ڪيل ادارن ۾: عورتن جي ائسوسيئيشن، ميٽرنٽي هوم، ٻارن جي نرسري ۽ بيواهه عورتن ۽ معذورن لاءِ هُنري مرڪز شامل آهن. هن پوئر (غريب) ويلفيئر ائسوسيئيشن جي نالي سان پڻ هڪ ادارو قائم ڪيو، جنھن 1872ع تائين ڪراچيءَ ۾ ڪجهه ڪارائتا ڪم ڪيا. نابينن، گونگن، ٻوڙن ۽ معذورن لاءِ هڪ اسڪول ٺاهڻ واري رٿا آئيڊا ريو جي آخري رٿا هئي، جنھن کي هن پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي غريب ويلفيئر ايسوسيئيشن ۾ ضم ڪرڻ جو سوچيو، پر فنڊن جي کوٽ سبب ان کي اڳتي وڌائي نه سگهي. پھرين مئي 1921ع تي آئيڊا ريو جي وفات کانپوءِ فيصلو ٿيو ته سندس يادگيريءَ کي برقرار رکڻ لاءِ ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم ۽ معذور ٻارڙن لاءِ هڪ اسڪول واري سندس رٿا کي اڳتي وڌايو وڃي، ته جيئن اهڙن خاص ٻارن کي تعليم ۽ تربيت ذريعي سماج جو ڪارآمد شھري بڻائي سگهجي. سندس اهڙي رٿا تي عملي قدم کڻندي ’آئيڊا رويو‘ جي نالي سان، 25 نومبر 1921ع تي، ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ کان محروم ٻارڙن لاءِ ڪراچيءَ ۾ هي ادارو قائم ڪيو ويو. موجوده وقت ۾ اداري جو انتظام هڪ مئنيجنگ ڪميٽي هلائي ٿي. جيڪا اداري جي آئين موجب سالياني گڏجاڻيءَ ۾ هر ٻن سالن کانپوءِ چونڊي ويندي آهي. اداري ۾ صدر، نائب صدر ۽ ٻيا اعزازي ميمبر طور ڪم ڪري رهيا آهن.هي ادارو ھاڻي مونٽيسوري کان وٺي پوسٽ گريجوئيشن تائين تعليم ڏئي رھيو آھي. اداري پاران بريل ڪي بورڊ، اسڪرين، وائيس ايڪٽيويٽ ڊوائيسز، خاص وڊيوز ۽ راندين ذريعي مختلف ڪلاسن جي شاگردن کي سکيا ڏني وڃي ٿي. تعلميي سرگرمين کانسواءِ معذور شاگردن کي مختلف هنرن جي تربيت پڻ ڏني وڃي ٿي. اداري جي زيرنگراني مختلف اسڪول ۽ ڪاليج ڪم ڪري رھيا آھن. جن ۾ ڊاڪٽر پنجواني اسڪول (ڪاليج براءِ نابينا)، شيرين ڪيشاڻي اسڪول (ڪاليج براءِ نابينا)، حاتم علوي ميموريل بريل لائبريري، ساره ۽ مجاھد ھاسٽل (ڇوڪرين لاءِ)، انفاق فائونڊيشن ھاسٽل (ڇوڪرن لاءِ)، عرفان ماؤ جي ھنري سکيا جو مرڪز، ڄام جان محمد خان انتظامي بلاڪ، سلطان علي ڪئمپس اسڪول (براءِ نابينا راشد آباد، ٽنڊوالھيار) شامل آھن. اداري جي موجوده صدر نادرا پنجواڻي آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.11.25  عيسوي

’آئيڊا رويو‘ ويلفيئر ائسوسيئيشن ڪراچي جي نالي سان، 25 نومبر 1921ع تي، ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ کان محروم ٻارڙن لاءِ ڪراچيءَ ۾ هي ادارو قائم ڪيو ويو.



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنڌي اڪيڊمي دهلي
اسڪالرز اڪيڊمي
سائنس ڪانفرنس
خوراڪ ۽ زراعت جي تنظيم
سناتن ڌرم سڀا
اسماعيليه ائسوسيئيشن ڪراچي
آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
ضياء الدين يونيورسٽي
زرعي ترقياتي ڪارپوريشن
اوڌو داس تارا چند اسپتال
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون